ڇپر ڪين ڏي

ڇـپـر ڪـيـن ڏي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي مشهور ليـکـڪا ج. ع. منگهاڻيءَ جي تحقيق تي مبني آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف جي ٻوليءَ تي مختلف عالمن پاران ڪيل تحقيق ۽ انهن جو ڪڍيل نتيجن تي اختلافن جي نشاندهي ڪري، نوان نتيجا مثالن سان ڏنا ويا آهن. هيءُ ڪتاب لطيف شناسيءَ جي ميدان ۾ وڏي اهميت وارو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي ليکڪا جو تعلق جيئن ته ڪوهستاني لهجو ڳالهائيندڙ علائقي سان آهي ۽ لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ به هن لهجي کي چڱي جاءِ مليل آهي. ان ڪري ڪيترن لفظن جي مختلف محققن جي ڏنل معنائن سان اختلاف ڏيکاريو آهي. هن ڪتاب جو ناشر نوٽ سنڌي ادب جي نامياري ليکڪا ۽ اسڪالر ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. مهاڳ ۾ ڪتاب جي اهميت کي چڱيءَ ريت اُجاگر ڪيو ويو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچيءَ جي هن ڊيمي سائيز ۾ ڇپايل ڪتاب ۾ 219 صفحا آهن. هي ڪتاب مئي 2002ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو